سنڌي ماڻھن جي سمورين تڪليفن جا ذميوار پ پ ۾ ويٺل وڏيرا آھن: جلال محمود شاهه

عوامي آواز رپورٽ
سنڌي ماڻھن جي سمورين تڪليفن جا ذميوار پ پ ۾ ويٺل وڏيرا آھن: جلال محمود شاهه
عوامي آواز رپورٽ سنڌي ماڻھن جي سمورين تڪليفن جا ذميوار پ پ ۾ ويٺل وڏيرا آھن: جلال محمود شاهه

ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌي ماڻھن جي سمورين تڪليفن جا ذميوار پ پ ۾ ويٺل جاگيردار ۽ وڏيرا آھن.

شھدادڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي بجيٽ ساڍا 12 سو ارب روپيا آھي پر سنڌ جي ماڻهن کي بنيادي سھولتون به  ناهي ملي سگهي.

هن چيو ته چيو ته مڪاني چونڊن جون تياريون ھلن پيون پر  پپلز پارٽي وارن ھاڻي کان ئي ڌانڌليون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

جلال محمود شاھ چيو ته سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ سنڌودرياءَ جي پاڻي تي ڌارين جي قبضي سبب سنڌ جا ماڻھو ھڪ ويلي لاءِ به پريشان آھن.

ايس يو پي سربراهه چيو ته سنڌي ماڻھو صوبي جي خوشحالي واري جدوجهد ۾ ساٿ ڏيئي ڪامياب بڻائن……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.