وزيراعظم جون اعليٰ سطحي اجلاس ۾  چئني صوبائي سيڪريٽرين کي هدايتون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ اٽي جي اگهه تي ضابطي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جي جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيري اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن سميت چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.

عمران خان کي بريفنگ ڏيندي صوبائي چيف سيڪريٽرين ٻڌايو ته پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مجموعي طور اٽي، کنڊ، چانورن ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو ۽ ڪجهه شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ اگهن ۾ واڌ نظر آئي.

وزيراعظم ڪراچي ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته قيمت تي ضابطي لاءِ بنا دير قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف انتظامي قدمن کي اثرائتو بڻايو وڃي.

اجلاس دوران عمران خان صوبائي چيف سيڪريٽرين کان کير، ديهه، تيل، پيئڻ جي پاڻي، گوشت، مصالحن، دالين ۽ ٻين شين ۾ ملاوٽ تي به بريفنگ ورتي.

هن کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته ملاوٽ ڪندڙ عوام، خاص طور اسان جي ٻارن جي زندگين کان کيڏي رهيا آهن، کير، گوشت ۽ دالين جهڙي عام واهپي جي شين ۾ ملاوٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ان خلاف قومي سطح تي ايمرجنسي لاڳو ڪري قدم کنيا وڃن، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هڪ نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو وڃي.

بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ چڪاسڻ لاءِ ليبارٽري غير فعال آهي، جنهن تي هن هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي فعالي ۾ وفاقي حڪومت طرفان هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

وزيراعظم چئني چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته ملاوٽ خلاف اثرائتي حڪمت عملي ۽ ٽائم لائنز تي ٻڌل روڊ ميپ ترتيب ڏنو ويندو، جنهن جو ايندڙ هفتي اجلاس ۾ جائزو ورتو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.