اڳ ۾ علي ظفر جي دعويٰ تي فيصلو ٿيندو..! عدالت ميشا جي ڪيس جي ٻڌڻي روڪي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت ڳائڻي ميشا شفيع جي گلوڪار علي ظفر خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي روڪي ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج لاهور امجد علي شاهه علي ظفر جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

واضح رهي ته ميشا شفيع علي ظفر تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن کانپوءِ علي ظفر ڳائڻيءَ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائيندي 100 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو ڪيس ڪيو هو.

علي ظفر جي اهڙي قدم کانپوءِ ميشا شفيع به گلوڪار خلاف 200 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي.

ميشا شفيع طرفان ڏنڊ جي دعويٰ جي ٻڌڻي روڪڻ لاءِ علي ظفر هڪ ٻي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

اڄ ٻڌايل فيصلي ۾ عدالت علي ظفر جي درخواست قبول ڪندي چيو ته گلوڪار طرفان ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ تي فيصلي تائين ميشا شفيع جي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.