اسلام آباد ۾ منشيات واپرائڻ تي 5 شاگردن کي يونيورسٽي مان نيڪالي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي هڪ خانگي يونيورسٽي منشيات واپرائڻ تي 5 شاگردن کي ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ سرڪاري يونيورسٽي ۾ 30 شاگردن خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ منشيات استعمال ڪندڙ شاگردن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب هڪ خانگي يونيورسٽي منشيات جي استعمال جي الزام ۾ 5 شاگردن کي ڪڍي ڇڏيو.

هوڏانهن هڪ سرڪاري يونيورسٽي ۾ منشيات واپرائڻ جي حوالي سان 30 شاگردن خلاف انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.

هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽين ۾ شاگردن طرفان منشيات جي استعمال بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ايڪشن کنيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.