ويٽنام ۾ ڪورونا وائرس جي شڪ سبب 10 هزار ماڻهن کي الڳ ڪيو ويو

 

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام جي تخت گاهه هنوئي ڀرسان ٻهراڙي ۾ ڪورونا وائرس جي موجودگي جي شڪ سبب 10 هزارن جي آبادي کي احتياطي طور الڳ ڪيو ويو آهي.

سون لوئي نالي اهو علائقو تخت گاهه هنوئي کان 40 ڪلو ميٽر پري آهي.

ويٽنام جي صحت واري وزارت موجب 6 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ نشاندهي کانپوءِ ويجهن علائقن ۾ اسپري سان گڏوگڏ ماڻهن جي چُرپر محدود ڪرڻ لاءِ چيڪ پوائنٽون ٺاهيون ويون آهن.

سون لوئي کي هڪ سرسبز ويٽنامي علائقو قرار ڏنو ويندو آهي.

واضح رهي ته چين کانپوءِ ايڏي انگ ۾ ماڻهن کي الڳ ڪندڙ ويٽنام پهريون ملڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.