ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست جي ذميواري…!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي.

تفصيل موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ياسمين رشد هيلٿ فائونڊيشن جي رپورٽ لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنرل پريڪٽيشنرز عام صحت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا.

ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي، 3 سئو هيلٿ پروفيشنلز کي بنا وياج جي قرض ڏئي هزارين نوڪريون ڏنيون آهن.

هن چيو ته هيلٿ پروفيشنلز کي 7 لک کان وڌائي 15لک تائين جو قرض ڏيڻ وارو پرپوزل تيار ڪري ورتو آهي، پرائيويٽ پريڪٽس ۾ سهڪار جي گهڻي ضرورت هوندي آهي.

صحت واري وزير چيو ته هيلٿ پروفيشنلز بنا وياج قرض حاصل ڪري وڌيڪ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا، پنجاب هيلٿ فائونڊيشن جي قرضن جي ريڪوري 98 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.