آصف زرداري جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته نيب راولپنڊي آصف زرداري جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست تيار ڪري ورتي.

هن ٻڌايو ته پراسيڪيوٽر جنرل جي حتمي منظوري کان پوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري کي عدالتي فيصلن کي نظرانداز ڪري ضمانت ڏني.

ٻه مهينا اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪري ورتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.