چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 1367 ٿي ويو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 1367 ٿي ويو.

چين ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي موت جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 242 ڄڻا ان بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته وائرس سان متاثرن جو انگ به وڌي 60 هزارن تائين پهتو آهي.

هوڏانهن وبا پکڙجڻ جي معاملي تي وچ صوبي هوبي جي صوبائي قيادت تبديل ڪئي وئي آهي ۽ شنگهائي شهر جي اڳوڻي ميئر ينگ يانگ کي هوبي جي صوبائي ڪميونسٽ پارٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت وائرس پکيڙيندڙ مک شهر ووهان جي ليڊر شپ به تبديل ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.