سعودي عرب ۾ ڪار حادثو، 6 پاڪستاني فوت

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر الجبيل ۾ گاڏي پل تان هيٺ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 6 پاڪستاني فوت ٿي ويا.

ذريعن ٻڌايو ته فوت ٿيلن جو تعلق هيڊ مرالا، سيالڪوٽ، وهاڙي ۽ گجرات سان آهي. لاش مقامي اسپتال اُماڻيا ويا آهن.

سعودي عرب ۾ ٽريفڪ حادثا پيش ايندا رهندا آهن جنهن جو عام سبب تيز رفتار آهي.

گذريل سال آڪٽوبر ۾ هڪ بس ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 پرڏيهي زيارتي شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.