شهريار آفريدي جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ ماحول گرم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي جي مدرسن ۾ منشيات جي استعمال بابت بيان تي قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو.

اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته نوجوانن ۽ خاص طور اسان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات پکڙجي وئي آهي، منشيات جي ورڪٿام لاءِ آگاهي خاطر ”زندگي“ جي نالي سان ايپ لانچ ڪئي وئي آهي، سڀني تعليمي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ گهڻي حد تائين منشيات داخل ٿي چڪي آهي، اها هڪ پارٽي جي حڪومت جي ڳالهه ناهي، خاتمي لاءِ والدين به ڪردار نڀائن.

سندس چوڻ هو ته هڪ مدرسي جي استاد چيو ته منشيات استعمال ڪيو، توهان جي يادداشت درست ٿي ويندي.

شهريار آفريدي جي بيان تي مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسعد محمود چيو توهان ڪوڙ ڳالهايو، هڪ مدرسي جي نالي تي سڀني مدرسن کي بدنام نه ڪرڻ ڏينداسين.

مدرسي جي ذڪر تي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، جنهن تي شهريار آفريدي چيو ته مان ڪنهن مدرسي جو نالو ناهي کنيو.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته معاشري ۾ سٺا ۽ خراب ماڻهو به هوندا آهن، مدرسن جيڪو ڪجهه ڪيو، اسان ان جو قدر ڪيون ٿا، پاڪستان ۾ مدرسن جو معيار اهڙو آهي جو دنيا جا ماڻهو پنهنجا ٻار هتي موڪليندا آهن پر جتي جتي ڪا برائي آهي، ان کي برو چوڻو آهي.

اسعد محمود چيو توهان هڪ مدرسي سبب سڀني مدرسن کي شڪ جي نگاهه سان نٿا ڏسي سگهو، شهريار آفريدي غلط بياني ڪئي، ان هڪ مدرسي کي منظر تي آندو وڃي.

سندس چوڻ هو ته چوڌري نثار به هڪ الزام هنيو هو، هن چيو هو ته 98 سيڪڙو مدرسا سٺا آهن پر 2 سيڪڙو مدرسا دهشتگردي سان سلهاڙيل آهن، هن ڪڏهن نه ٻڌايو ته اهي 2 سيڪڙو مدرسا ڪهڙا آهن.

جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ چيو ته شهريار آفريدي نٿو ڏيکاري سگهي اهو شخص ڪير آهي؟ ان شخص جي حوالي سان وفاق المدارس سان رابطو ڪيو وڃي، اسان پاڻ جاچ ڪري ان مدرسي کي منظر تي آڻينداسين پر ڪنهن جو نالو کڻي سڀني مدرسن کي نشانو نه بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.