قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر جمشيد دستي جي ضمانت منظور

ملتان(ويب ڊيسڪ) عدالت اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جي ضمانت منظور ڪندي هن جون هٿڪڙيون کولرائي ڇڏيون.

لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ جي جسٽس مشتاق احمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا ته هي ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي.

فاضل جج مظفر ڳڙهه علائقي جي مجسٽريٽ جي عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته جمشيد دستي کي غير قانوني طور تي حراست ۾ رکيو ويو آهي هن کي آزاد ڪيو وڃي.

عدالت جمشيد دستي جي 20 فيبروري تائين حفاظتي ضمانت به منظور ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.