صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ منهنجو مشن آهي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت واري خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ منهنجو مشن آهي.

تفصيل موجب صحت واري خاص مددگار جي صدارت هيٺ ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ جي پروگرام جو جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي ظفر مرزا چيو ته اسان جو مقصد ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پروگرام جي ورڪر، مينيجرز ۽ پارٽرز کي ذميواري نڀائڻي پوندي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

هن چيو ته حفاظتي ٽُڪي جي ڪوريج 100 سيڪڙو يقيني بڻائڻ پوندي، وزير اعظم عمران خان وٽ صحت پهرين ترجيح آهي، صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ منهنجو مشن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.