قاضي احمد: اسڪولي شاگردن کي ڪمانڊوز ٽريننگ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تقريب

عوامي آواز رپورٽ
قاضي احمد: اسڪولي شاگردن کي ڪمانڊوز ٽريننگ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تقريب
عوامي آواز رپورٽ قاضي احمد: اسڪولي شاگردن کي ڪمانڊوز ٽريننگ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تقريب

قاضي احمد ۾ اسڪولي شاگردن کي ڪمانڊوز ٽريننگ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي.

اسپيشلائيز ڪمانڊر ٽريننگ سينٽر ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ساٿ ويلفيئر پبلڪ اسڪول جي استاد، شاگردن ۽ شاگردياڻين، صحافين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مهمانن کي ڪمانڊو ٽريننگ ۽ ٻي سکيا بابت ڪرتب ڏيکاريا ويا.

انتظاميه طرفان ٻارن کي پريڊ جو معائنو پڻ ڪرايو ويو.

انچارج ايس ايس پي عابد خان قائمخاني جو چوڻ هو ته تقريب جو مقصد ٻارڙن کي محنت سان اڳتي اچڻ جي سکيا ڏيڻ آهي.

هن چيو ته ٽريننگ ڪندڙ جوان شهيد اهلڪارن جو اولاد آهن، جيڪي جلد پاس آوٽ ڪري ويندي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.