آڱوٺي ڇاپ حڪومت وٽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو حل ناهي: احسن اقبال

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي انتقامي ايجنڊا سبب هر ڪو ملڪ مان پنهنجي سيڙپ ڪڍي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي احسن اقبال چيو ته فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ملڪ ۾ چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي آهي، اسان جي چوڻ بدران حڪومتي ترجمان پاڻ تسليم ڪيو ته چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي ٿي آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي 14 سيڪڙو آهي، اهو بدترين اقتصادي بحران مين ميڊ بحران آهي، موجوده اقتصادي بحران حڪومت جي نالائقي ۽ نااهلي سبب آهي.

هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ رڪارڊ مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ معاشي سستي آهي، جڏهن ته حڪومت کنڊ ۽ اٽي مافيا ذريعي عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي.

سندس موجب ناڻي واري صلاحڪار چيو ته آءِ ايم ايف جي نمائندن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، آءِ ايم ايف جا ماڻهو آسمان تان ناهن لٿا جو مٿن تنقيد نه ڪجي، اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي اعتراض ناهي پر ملڪي مفادن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، اڄوڪي دور ۾ معيشت گڏهه جي نه بجلي جي رفتار سان هلندي آهي، حڪومت کي خبر نه هئي ته آءِ ايم ايف سان ڪيئن ڳالهيون ٿينديون آهن.

احسن اقبال چيو ته هيءَ آڱوٺي ڇاپ حڪومت آهي، جنهن سبب اڄ بيروزگاري پيدا ٿي، هنن آءِ ايم ايف سامهون قلم رکي ڇڏيو ته جيڪو وڻيوَ لکو، کانئن سوال ڪيو ته چون ٿا توهان هيئن ڪيو، توهان هونئن ڪيو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته هتي 10، 20 سال پراڻين حڪومتن جي ڳالهه نه پئي ٿئي، اسان غلط ڪيو ۽ تسليم ڪيون ٿا، توهان به تسليم ڪيو ته توهان غلط ڪيو آهي، اسان 5 سالن ۾ جيترو قرض ورتو، هنن 18 مهينن ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪڏهن قرض زهر هو ته توهان 18 مهينن ۾ عوام کي ڪيترو زهر کارايو.

هن چيو ته حڪومت جي معيشت جو نموني لنگر خانو آهي، چندو گڏ ڪرڻ ۽ ملڪ هلائڻ ۾ فرق آهي، پاڪستان جنهن بحران ۾ ڦاٿو آهي، ان جو حل حڪومت وٽ ناهي، ملڪن کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ آزاد ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.