عبدالغني مجيد کي طبي بنيادن جي ضمانت ملي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي پيٽ عبدالغني مجيد کي طبي بنيادن جي ضمانت ملي وئي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس فياض احمد جندران تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 10 ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي.

عدالت جو چوڻ آهي ته عبدالغني مجيد جي ضمانت طبي بنيادن تي منظور ڪئي وئي، هو اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهندو ۽ هر پيشيءَ تي پيش ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.