متحده عرب امارات جو پاڪستان لاءِ اهم اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات جي سفير محمد عبيد الزعابي جو چوڻ آهي ته يو اي اِي سيڙپڪارن ۽ واپارين جي وفد جي پاڪستان آمد ٿيندي، واپاري سيڙپڪار ايس ايم اي سيڪٽر ۾ دلچسپي رکن ٿا.

تفصيل موجب ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان متحده عرب امارات جي سفير حمد عبيد الزعابي جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ پاڪ يو اي اِي وزارتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاس تي ڳالهيون ٿيون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪ يو اي اِي گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس ايندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندو.

متحده عرب امارات جي سفير چيو ته يو اي اِي سيڙپڪارن ۽ واپارين جي وفدن جي پاڪستان آمد ٿيندي، واپاري ۽ سيڙپڪار ايس ايم اي سيڪٽر ۾ دلچسپي رکن ٿا.

حامد عبيد ابراهيم دبئي ايڪسپو 2020 جي باري ۾ به ناڻي واري صلاحڪار کي آگاهه ڪندي چيو ته گڏيل وزارتي ڪميشن دبئي ايڪسپو واپاري سهڪار جي هٿي جو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.