حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي طبعيت خراب، عوام کي دعا جي اپيل

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) حريت ڪانفرنس جي بزرگ اڳواڻ سيد علي گيلاني جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي ۽ سندس ترجمان عوام کي دعا جي اپيل ڪئي آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو چيئرمين سيد علي گيلاني هن وقت نظربند آهي ۽ اوچتو طبعيت بگڙڻ سبب هو سخت بيمار آهي.

حريت اڳواڻ جي ترجمان موجب سيد علي گيلاني جي طبعيت ڊگهي نظربنديءَ سبب خراب ٿي آهي، کين ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي.

هن ڪشميري عوام کي سيد علي گيلاني جي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي آهي.

هوڏانهن سيد علي گيلاني جي طبعيت ناساز ٿيڻ سبب سندس لاڏاڻي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا پر حريت اڳواڻ جي پٽ نسيم گيلاني انهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

نسيم گيلاني جو چوڻ هو ته پيءُ جي نظربندي سبب رڳو طبعيت خراب ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.