سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيندڙن لاءِ وڏي خبر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان 2003 جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشن بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪميشن 6 مهينن ۾ انڪوائري مڪمل ڪري چيف سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪري.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2003 جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحانن ۾ ڌانڌلي جي الزام تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت 2003 جي امتحانن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشڻ بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته قانون قانون ۽ سروسز وارن سيڪريٽرين کي به ٽي رڪني ڪميشن جو حصو بڻايو وڃي ۽ ڪميشن 6 مهينن ۾ انڪوائري مڪمل ڪري چيف سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪري.

عدالت هدايت ڏني ته ڪميشن سمورين ڌرين جو موقف ٻڌي ڌانڌلي جي ذميوارن کي ڳولي ۽ امتحانن ۾ حصو وٺندڙ جيڪي اميدوار ملازمت حاصل ڪري چڪا آهن، انهن کي به ٻڌو وڃي ڪنهن به فرق جي خلاف شوڪاز نوٽيس کان سواءِ ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته چيف سيڪريٽري 15 ڏينهن ۾ ٽي رڪني انڪوائري ڪميشڻ جوڙي، انڪوائري ڪميشن ڪامياب، ناڪام سڀ اميدوارن جو شفاف جائزو وٺي ۽ جاچ ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪلي.

عدالت چيو ته ادارن جي ڪارڪردگي بنا ميرٽ تي ڀرتين جي ممڪن ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.