”مون کي ڇو ڪڍيو ويو کانپوءِ ٻيو صاحب چئي ٿو مون کي ڇو گهرايو ويو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي بلاول ڀٽو زرداري کي ڪٿان ڪو سرٽيفڪيٽ ناهي مليو ته کيس هٿ نٿو لڳائي سگهجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته پ پ چيئرمين چوي ٿو چيف جسٽس چيو مان بي ڏوهه آهيان، بلاول! ڪاش توهان پاڪستان ۾ پڙهو ها.

اڳ ۾ هڪ صاحب چوندو هو مون کي ڇو ڪڍيو ويو، هاڻ هڪ صاحب چئي ٿو مون کي ڇو گهرايو ويو.

هن چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، توهان کي گهرايو ويندو آهي ته جواب ڏيڻو پوندو، بلاول کي ڪٿان ڪو سرٽيفڪيٽ ناهي مليو ته کيس ڪير هٿ نٿو لڳائي سگهي.

سندس موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي پيرا نمبر 23 هئي ته بلاول ڀٽو زرداري کي نيب ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.