محسن عباس حيدر فلم ”ونس اپان اي ٽائم ان ڪراچي“ ۾ نظر ايندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار محسن عباس حيدر نئين فلم ”ونس اپان اي ٽائم ان ڪراچي“ سائن ڪري ورتي.

 محسن عباس حيدر اهڙي خبر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي ڏني ۽ ان فلم ۾ هو مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندو.

فلم جي هدايتڪاري ابو عليحه ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ان جو اسڪرپٽ علي معين لکيو آهي.

فلم جي حوالي سان محسن عباس حيدر جو چوڻ هو ته في الحال تفصيل نٿو ٻڌائي سگهان پر مان ان ۾ ناصر نالي هڪ ڇوڪري جو ڪردار نڀائيندس، جيڪو زندگي ۾ ڪيترائي ٺاهه ڪندو آهي پر هڪ ڏينهن پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ڪيترن ئي ماڻهن جو آواز بڻجي ويندو آهي.

اداڪار موجب فلم ۾ تفريح سان گڏوگڏ ماڻهن لاءِ معاشرتي پيغام به ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ ڏکيائين جي باري ۾ به ٻڌايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.