حرا ماني طرفان ڪرينا ڪپور جي تعريف مداحن کي صفا نه وڻي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حرا ماني کي بالي ووڊ بيبو گرل ڪرينا ڪپور جي تصوير جاري ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.

حرا ماني شوبز انڊسٽريءَ جي انهن ستارن مان آهي، جن گهٽ عرصي ۾ شهرت حاصل ڪري ورتي.

ڊرامي ”دو بول“ ذريعي شهرت جي اوچائين تي پهتل حرا ماني تازو فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي مداحن ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.

حرا ماني تصوير سان گڏ لکيو ته ”هي ڇا موڪلي ڇڏيو، هن دنيا ۾ ان کان وڌيڪ خوبصورت تحفو ڪو ٿي ئي نٿو سگهي، خوبصورت.“

پاڪستاني اداڪارا جي اهڙي پوسٽ مداحن کي نه وڻي ۽ انهن مختلف قسمن جي راءِ ڏني.

توقير نالي هڪ واهپيدار لکيو ته ان کان سٺا ۽ خوبصورت آهن هتي (پاڪستان) ۾ به، جڏهن ته عامر نالي مداح لکيو توهان کي پاڪستاني اداڪارا نظر نه آئي.

سونيا نالي واهپيدار چيو ته حرا ماني هر وقت ڪرينا ڪپور جي ڪاپي ڪندي رهندي آهي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن حرا کي ڪرينا کان وڌيڪ خوبصورت قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.