مائيڪل ڪلارڪ زال ڪيلي لي سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ۽ سندس گهرواري ڪيلي لي رستا ڌار ڪري ڇڏيا.

اڳوڻي اسٽار بيٽسمين مائيڪل ڪلارڪ 2012 ۾ ڪيلي لي سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب مائيڪل ڪلارڪ گذريل ڪجهه مهينن کان پنهنجي گهرواري کان ڌار رهيو پر هن طلاق جو اعلان نه ڪيو هو، جڏهن ته هاڻ ٻنهي جا رستا ڌار ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

مائيڪل ڪلارڪ ۽ ڪيلي لي وچ ۾ چئن ورهين جي ڌيءُ جي سار سنڀال لاءِ عدالت وڃڻ کانسواءِ معاهدو به ٿي چڪو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ سندس گهرواري وچ ۾ عليحدگي جو معاهدو 4 ڪروڙ ڊالرن ۾ طئي ٿيو آهي.

ٻنهي جو چوڻ آهي ته ايترو عرصو گڏ گذارڻ کانپوءِ عليحدگي جو فيصلو ڏاڍو ڏکيو هو پر اسان هڪٻئي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکندي ڌيءُ جي پرورش ڌار رهندي ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.