ايم سي سي ٽيم ڪمار سنگاڪارا جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پهچي وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمارا سنگاڪارا جي اڳواڻي ۾ دنيا جي تاريخي مارلي بون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) جي ٽيم 7 ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي وئي.

لاهور ايئرپورٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان مهمان رانديگرن جي آجيان ڪئي.

ايم سي سي ٽيم جي اڳواڻي اڳوڻو سريلنڪن اسٽار ڪمار سنگاڪارا ڪري رهيو آهي، جيڪو 11 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي، جڏهن ته مارلي بون ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 48 سالن کانپوءِ پاڪستان پهتي آهي.

مهمان ٽيم دوري دوران لاهور ۾ چار ميچون کيڏندي، سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ ايم سي سي جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

ايم سي سي 16 فيبروري تي پاڪستان شاهينز خلاف ون ڊي ميچ، جڏهن ته 17 فيبروري تي ناردرن ۽ 19 فيبروري تي ملتان سلطانز خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي ۽ ٽئي ميچون ايچي سن ڪاليج ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.