احسن اقبال جي گرفتاري تي نيب کي ڇنڊ، اختيارن جي وضاحت طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته نيب جي گرفتاري جي اختيار تي تفصيلي فيصلو جاري ڪنداسين ۽ ان اختيار جي وضاحت ڪرڻي پوندي، ڪٿي نه ڪٿي ان سلسلي کي ختم ٿيڻو پوندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب کان پڇيو ته احسن اقبال جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي کيس گرفتار ڇو ڪيو ويو؟ ڇا گرفتاري کان سواءِ انڪوائري مڪمل نٿي ٿي سگهي؟

ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته گرفتاري جو حڪم مجاز اٿارٽي، نيب چيئرمين ڏنو، خدشو هو ته احسن اقبال رڪارڊ ٽيمپر ڪري ڇڏيندو.

عدالت پڇيو ته اهو ڪيئن؟ ڇا وزارت جو رڪارڊ هاڻ به احسن اقبال وٽ آهي؟

نيب پراسيڪيوٽر چيو گرفتاري وارنٽ ٺوس شاهدي جي روشني ۾ ئي جاري ڪيا ويندا آهن، ان تي وري عدالت پڇيو ته پڇي رهيا آهيون سبب ٻڌايو ته گرفتاري جا آرڊر ڇو جاري ڪيا ويا؟ جڏهن توهان ڪنهن کي گرفتار ڪندا آهيو ته ان جي عزت ۽ وقار تي اثر پوندو آهي، ڇا نيب ۾ ايتري صلاحيت ناهي جو احسن اقبال کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ بنا جاچ مڪمل ڪري؟ ڇو نه نيب جي بنا جواز گرفتاري کي غلط قرار ڏنو وڃي؟

نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته خدشو هو احسن اقبال شاهدن کي نيب اچڻ نه ڏيندو.

ان تي چيف جسٽس چيو جاچ آفيسر صاحب، توهان کي ڪنهن بنياد تي خدشو هو ته شاهدن کي نه اچڻ ڏيندو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر وراڻيو ته احسن اقبال جي ملڪ مان فرار ٿيڻ جو به خدشو هو، چيف جسٽس چيو ان صورت ۾ توهان کي جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ڇو نه نيب جي بنا جواز گرفتاري کي غلط قرار ڏنو وڃي، نيب جي گرفتاري جي اختيار تي تفصيلي فيصلو جاري ڪنداسين، ڪٿي نه ڪٿي اهو سلسلو ختم ٿيڻو آهي، ان اختيار جي وضاحت ڪرڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.