”معيشت تي سياست نه پر نيشنل اڪنامڪ چارٽر آڻڻ جو وقت آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خوراڪ جي تحفظ واري وزير خسرو بختيار چيو آهي ته هي معيشت تي سياست ڪرڻ جو وقت ناهي پر نيشنل اڪنامڪ چارٽر آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

قومي اسميبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته معاشي نمو ئي معيشت جي بهتري جو واحد حل ناهي پر اِهو ڏسڻ به ضروري آهي ته اِها گروٿ مستحڪم آهي يا نه.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ رڳو درآمد ڪري شيون استعمال ڪيون وڃن ته ترقي ڪيئن ٿيندي، هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ج جي دور حڪومت جي آغاز ۾ هڪ ڊالر جي برآمدات جي ڀيٽ ۾ 1.3 ڊالر جي درآمدات هئي جڏهن ته هن جي حڪومت جي خاتمي جي وقت اِهو تناسب هڪ ڊالر برآمدات جي ڀيٽ ۾ 2.3 ڊالرن جي درآمدات تائين هليو ويو هو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي کپت جي شرح 94 سيڪڙو آهي ۽ پيداوار ٻڙي آهي جڏهن ته ڀارت ۾ 80 سيڪڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته معيشت جو ڦيٿو هلائڻ لاءِ ڪريڊٽ ۽ بينڪس کي سيونگز جي ذريعي پيسو حاصل  ٿئي ۽ پاڪستان ۾ سيونگز جي شرح رڳو 10 سيڪڙو آهي جڏهن ته ڀارت ۾ اِها شرح 20 سيڪڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان معاشي ڍانچي ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو ويو ۽ زرعي شعبي ۾ رڳو اڌ سيڪڙو جي شرح نمو هئي

خسرو بختيار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پوري مخالف ڌر ” ٽيڪس رجيم“ جي مخالف ڪري ۽ ٽيڪس ڪليڪشن جي شرح 11 کان 12 ئي رهندي، هن چيو ته واپاري ڪنڪشنز جي صارفن جو انگ 31 لک آهي جنهن مان رڳو 14 لک ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ آهن.

هن ٻڌايو ته 50 لک بينڪ اڪائونٽس هولڊرن جي موجودگي ۾ رڳو 5 لک ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ موجود آهن.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جڏهن ملڪ تي قرضن جو بار 78 سيڪڙو هوندو ته ان جو وياج ادا ڪرڻ سان گڏ حقيقي رقم به ادا ڪرڻي پوندي ۽ جيڪڏهن انهي روينيو سان اسان هلڻ لڳاسين ته ڏکيائيون جاري رهنديون.

سندس چوڻ هو ته هر وفاقي حڪومت جو آغاز ئي خساري سان ٿيندو آهي ڇو ته جيڪڏهن حڪومت گڏيل ملڪي پيداوار جي 12 سيڪڙو ٽيڪس جي شرح تي 50 کرب روينيو به حاصل ڪري ته ستين ترميم جي تحت 3 هزار ارب رپيا صوبن کي ڏيڻا پيا آهن، هر گذرندڙ سال سان ان ۾ ڏکيائين کي منهن هر حڪومت کي ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته سيڙپڪاري وقت جي ضرورت آهي جنهن جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي عزت ڏيڻ جو رجحان پيدا ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته سڄي پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي شرح رڳو 9 سيڪڙُو آهي جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اِهو آهي ته بينڪن وٽ ڏيڻ جي لاءِ پيسا ناهن.

خسرو بختيار موجب بينڪون سٺي وياج تي رڳو حڪومت يا اهم صنعتن مثال سيمنٽ، ڀاڻ، کنڊ وغيره کي پيسا ڏئي رهيا آهيون جڏهن ننڍا صنعتڪار جن کي سال 2020 تائين گڏيل ڪريڊٽ جو 17-18 سيڪڙو حصو ملندو هو اڄ رڳو 6 سيڪڙو حاصل ڪري رهيا آهن.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نون شعبن ۾ پيسو پهچائڻ جي لاءِ اسان کي نيشنل ڊيولپمنٽ فنانس انسٽيٽوٽشن بڻائڻ پوندو.

سندس چوڻ هو ته خطي ۾ چين ۽ ڀارت جي شرح نمو ڏسو جڏهن ته پنهنجي آبادي تي نظر وجهو جيڪو 2017 تائين 40 ڪروڙ تائين پهچي ويندو جنهن کي انهيءَ زمين مان خوراڪ مهيا ڪرڻي پوندي جڏهن ته اسان جي پيداوار وڌڻ بدران اچ به في ايڪڙ پيداوار اُهائي آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ کي آيل معاشي ڏکيائين جي ڪري هي معيشت تي سياست ڪرڻ جو وقت ناهي پر هڪ نيشنل اڪنامڪ چارٽر آڻيو ۽ 10 سالن توانائي پاليسي پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.