احسان الله احسان فرار معاملو: اي پي ايس شهيدن جي وارثن جو چيف جسٽس سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اي پي ايس (آرمي پبلڪ اسڪول) جي شهيدن جي وارثن پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي مبينا فرار ٿيڻ واري معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد سان رابطو ڪري ورتو.

چيف جسٽس کي پنهنجي درخواست ۾ سانحي ۾ شهيد ٿيل 15 شاگردن جي وارثن چيو آهي ته اسان وارث احسان الله احسان جي سرڪاري تحويل مان لڳ ڀڳ ٽي سال گذرڻ کان پوءِ وارثن سميت مبينا طور تي فرار ٿيڻ جي خبر ٻڌي سخت صدمي ۾ آهيون.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن ۾ 147 شاگرد ۽ استاد شهيد ٿيا.

هن چيو ته دهشتگردن جي فرار ٿيڻ سان متاثر خاندان جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، احسان الله احسان ڪيئن ملڪ مان وڃڻ مان ڪامياب ٿيو؟ ڇا هو تحويل مان فرار ٿيو يا ان کي ڪجهه شرطن سان آزاد ڪيو ويو؟ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي باوجود هن کي ڪهڙي معاهدي جي تحت ٽي سالن تائين جيئرو رکيو ويو؟

درخواست ۾ چيف جسٽس کان اپيل ڪئي وئي ته احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ ۾ ذميوارن کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت ورتي وڃي.

شهيد شاگردن مان هڪ آجو خان جي والد درخواست جمع ڪرائي، سندس چوڻ هو ته وارثن جي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات ٿي ۽ هن کان چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي به درخواست ڪئي.

پر هن ٻڌايو ته چيف جسٽس گلزار احمد خان هن وقت ٻڌڻين ۾ مصروف آهي ۽ پوءِ هن کي اجلاس لاءِ لاهور وڃڻو آهي.

هن چيو ته رجسٽرار خاطري ڪرائي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي چيف جسٽس سان ملاقات ڪرائي ويندي.

شهدائي اي پي ايس فورم جي صدر ايڊووڪيٽ فضل خان جي قيادت ۾ مظاهرو ڪندڙ پشاور پريس ڪلب جي ٻاهران گڏ ٿيا ۽ دهشتگرد گروپ جي اڳوڻي ترجمان جي خلاف نعريبازي ڪئي.

هن حڪومت کان احسان الله احسان جي مبينا طور تي فرار ٿيڻ جي حوالي سان اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ ان حوالي سان جاچ شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ايڊووڪيٽ فضل خان جو چوڻ هو ته احسان الله احسان جي مبينا فرار ٿيڻ جي خبرن سان اي پي ايس جي متاثرن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي آهي ۽ ان معاملي تي حڪومت جي خاموشي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

سندس چوڻ هو ته هڪ دهشتگرد اعليٰ درجي جي سيڪيورٽي سان ليس ريڊ زون مان ڪيئن فرار ٿي سگهي ٿو، اِهو هڪ سٺو لطيفو آهي.

مظاهرو ڪندڙن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڏک ۾ ورتل وار انصاف جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهن جي مطالبن تي ڌيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

شهيدن جي وارثن جو چوڻ هو ته احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ خبر سان انهن جو ڏک اهڙي ريت تازو ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻارڙا دهشتگردن جو نشانو بڻيا هئا.

پشاور پريس ڪلب جي ٻاهران انصاف جي لاءِ احتجاج ڪندڙ مظاهرو ڪندڙ بينر کڻي رکيا هئا جنهن ۾ انصاف جا نعرا لکيل هئا.

احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ بعد مظاهرو ڪندڙ پرامن انداز ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.