گرفتار ٿيس ته منهنجو آواز آصفه ڀٽو زرداري هوندي…!

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته جيڪڏهن آئون گرفتار ٿيل ته منهنجو آواز آصفه ڀٽو زرداري هوندي.

نيب راولپنڊي ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽوڳ چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو اڳ چيف جسٽس پاڪستان چيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري بي گناهه آهي ان جي باوجود آئون انهن اٿارٽيز جي آڏو پيش ٿيس.

بلاول ڀٽو چيو ته مون ماضي ۾ به انهن جي سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهيان، مئي ۾ ٿيل آخري پيشي ۾ سوالنامو ڏنو ويو جنهن کان پوءِ نيب کي ڪو به اعتراض نه هو پر ڊسمبر ۾ اوچتو خبر پئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، 20 ڊسمبر تي نيب جي طرفان پهريون نوٽيس موڪليو ويو پوءِ مون کي ناهي گهرايو ويو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪراچي ۾ اسان اعلان ڪيو ته مارچ کان ملڪ ۾ معاسي صورتحال، مهانگائي، پي ٽي آءِ ايم ايف ڊيل جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪنداسين ته فوري بعد هڪ ٻيو نوٽيس ايندو آهي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان ادارن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڪندا آهيو جڏهن هو صحيح ڪندا آهن ۽ جڏهن هو غلط به ڪندا آهن ته تڏهن به اسان انهن جو احترام ڪندا آهيو ان ڪري پنهنجي اعتراضن جي باوجود آئون هتي پيش ٿيس.

بلاول ڀٽو چيو ته منهنجا اعتراض رڳو اِهو ناهن ته چيف جسٽس چيو ته آئون بي گناهه آهيان پر سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته مراد علي شاهه بابت به حڪم ڏنو هو ۽ جي آءِ ٽي جا وڪيل به قبولن ٿا ته انهن جا تجربا غلط هئا ان جي باوجود جائزو وٺڻو پوندو پر ائين ناهي ٿيو.

سندس چوڻ هو ته مون کي جنهن الزام هيٺ گهرايو ويو هو اِهي ڄاڻن ٿا ته آئون ڪنهن واپاري سرگرمي ۾ ملوث نه هيس ۽ جيڪڏهن هجان به ها ته زرداري ۽ بحريا ٽائون ڪمپني جي وچ ۾ جيڪا پرائيويٽ ٽرانزيڪشن ٿي رهي آهي ان سان نيب جو ڪهڙو تعلق آهي؟

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي بلاول ڀٽو چيو ته آئون اُن وقت ڪنهن سرڪاري عهدي تي نه هيس ته نيب جو ڪهڙو تعلق آهي جو مون کي گهرايو وڃي ۽ مون کان پڇا ڪئي وڃي جڏهن مون انهن سوالن جا جواب پهرين به ڏنا آهن پيش ٿيو آهيان سوالنامن جا به جواب ڏنا آهن.

پ پ پ چيئرمين چيو ته منهنجو موقف ڪالهه به اِهو ئي هو، اڄ به اِهو ئي آهي ۽ رهندو ته آئون بي گناهه آهيان چيف جسٽس چيو ته آئون بي گناهه آهيان، منهنجا ايڪشنز به ٻڌائن ٿا ته آئون بي گناهه آهيان ۽ هي جيڪو سياسي انتقام ۽ ڪردار ڪشي جي مهم آهي جنهن سان چاهن ٿا ته جمهوري سياستدانن کي بدنام ڪن ان کي اسان ڪافي دير کان ڏسي رهيا آهيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي غلط فهمي هئي جو اسان سوچيو هئوسين ته نيب وارا هڪ سال جي ٻارڙي تي ڪيس نه بڻائيندا، آئون 7 سالن جو هيس جڏهن ان ڪمپني جو شيئر هولڊر بڻيو هيس، اسان کي اِها اميد نه هئي ته جڏهن چيف جسٽس سڄي ملڪ جي سامهون چئي ڇڏيو هو تڏهن به اِهو سياسي انتقام جاري رهندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو عهدو ايترو ئي اهميت وارو هوندو آهي جيترو ايوان جي سربراهه جو آهي پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته معاشي معاملا آهن، قومي مفاد جا، ڪشمير جا، دهشتگردي، حڪومت جا معاملا هجن پر قومي اسيمبلي ۾ ٻئي موجود ناهن هوندا جنهن سان ملڪ جي سياست ۽ جمهوريت تي گهڻا اثر پوندا آهن اميد آهي ته مخالف ڌر جلد هن ۾ موجود هوندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

بلاول ڀٽو نيب ۾ پيش:

ان کان اڳ قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان 3 ڀيرا طلب ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ نيب جي سامهون پيش ٿيو.

نيب موجب بلاول وٽ زرداري گروپ جي نجي جي وي اوپل -255 جا 25 سيڪڙو شيئرز آهن، نيب ذريعن موجب بلاول ڀٽو کي زرداري گروپ ۽ بحريا ٽائون جي جوائنٽ وينچر فرم بابت سوالنامو ڏنو هو.

بلاول ڀٽو جي آمد کان اڳ راولپنڊي ۾ نيب جي پراڻي هيڊ ڪوارٽر جي ٻاهران پيپلز پارٽي جو صدر قمر زمان ڪائره، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان ۽ پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري سميت مختلف پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.