ڄامشورو: ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي دوران مشاعرو

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي دوران مشاعرو
عوامي آواز رپورٽ ڄامشورو: ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي دوران مشاعرو

ڄامشوري جي ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي دوران مشاعرو ڪرايو ويو.

مشاعري ۾ اڳوڻي وزير پير مظهر الحق، شاعر تاج جويي، گلبدن جاويد مرزا، ثمينه ميمڻ، خالد راڄپر سميت ٻين شرڪت ڪري پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي.

ان موقعي تي آيل مهمانن جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي بعد ادبي بورڊ جو پروگرام ڏسي محسوس ٿي پيو بورڊ پنهنجي پراڻي اوج ضرور بحال ڪندو.

هنن چيو ته مثبت عمل سان معاشري جي بهتريءَ سان گڏ علم ۽ ادب جي خدمت ٿيندي.

پير مظهر الحق عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪتابي ميلا، ادبي گڏجاڻيون ۽ اداري کي بهتر انداز ۾ هلائڻ تعريف جوڳو قدم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.