عمران جي حڪومت عوام کي مهانگائي جي ور چاڙهيو آهي: نثار کهڙو

عوامي آواز رپورٽ
عمران جي حڪومت عوام کي مهانگائي جي ور چاڙهيو آهي: نثار کهڙو
عوامي آواز رپورٽ عمران جي حڪومت عوام کي مهانگائي جي ور چاڙهيو آهي: نثار کهڙو

صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهوڙي چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ناڪام آهي جنهن عوام کي مهانگائي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.

نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي جو سنڌ جي ورهاست تي چٽو ۽ واضح موقف رهيو آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ جلسي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت جو حصو ٿيڻ لاءِ ان ڪري چيو هو ته عمران خان جي حڪومت عوام کي بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي ڏني آهي.

نثار کهڙي چيو ته 2015 کان سنڌ جو اين ايف سي ايوارڊ جو حصو وفاق حڪومت کي ڏيڻو آهي، اها سڀ ڪم غير آئيني ڪري پئي.

هن چيو ته بينظير آباد خوشنصيب ضلعو آهي جنهن ۾ چار يونيورسٽيز آهن، اتي هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.