ڪورونا وائرس جي شڪ ۽ خاندان متاثر ٿيڻ جي خوف کان ٽن ٻارن جي پيءُ پاڻ ماري ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ شخص پاڻ ۾ ڪورونا وائرس جي خدشي ۽ خاندان جي متاثر ٿيڻ جي خوف کان آپگهات ڪري ڇڏيو.

چين سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هزارين ان وائرس سان متاثر آهن، جڏهن ته ان وبا سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن کي ذهني دٻاءَ ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو تازو مظاهرو ڀارت ۾ نظر آيو، جتي ٽن ٻارن جي پيءُ رڳو ان خدشي سبب آپگهات ڪري ڇڏيو ته هو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن سبب سندس خاندان به متاثر ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب انڌرا پرديش رياست جي ضلعي چتور جي هڪ ننڍي ڳوٺ جي رهواسي بالا ڪرشنا کي بيمار ٿيڻ تي ڊاڪٽرن چيو ته هو ڪنهن اڻڄاتل وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

50 ورهين جي شخص آن لائن ويڊيو ڏسڻ کانپوءِ بنا ڪنهن تصديق جي سوچي ورتو ته هو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

بالا ڪرشنا جي ڳڻتي ان وقت وڌي وئي، جڏهن ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ان وائرس جي ٽن ڪيسن جي تصديق ٿي ۽ هن پاڻ کي ماڻهن کي ڌار ڪري ڇڏيو.

خوف ۾ ورتل شخص پنهنجي ويجهو ايندڙ گهر ڀاتين ۽ دوستن تي پٿراءُ ڪيو، جڏهن ته سومر جي صبح هن گهر ٻاهران پاڻ ماري ڇڏيو.

چيو پيو وڃي ته اهو ڪورونا وائرس جي حوالي سان دنيا ۾ پهريون آپگهات آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.