سنڌ حڪومت وفاقي ڪابينا جي مهانگائي پيڪيج کي مذاق قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت وفاقي ڪابينا جي مهانگائي پيڪيج کي مذاق قرار ڏئي ڇڏيو، زراعت واري وزير جو چوڻ هو ته 15 ارب جو پيڪيج غريبن سان عجيب مذاق آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته اٽي، کنڊ، گيهه ۽ پيٽرول سميت عام شين جي اگهن ۾ واڌ عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، اِهي 15 ارب به غير شفاف طريقي سان هڙپ ڪيا ويندا.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 22 ڪروڙ جي آبادي جي لاءِ 15 ارب رپين جو پيڪيج مذاق ئي آهي، هي پيسا به انهن جي کيسن ۾ ويندا جن اٽي کنڊ جو بحران پيدا ڪيو، موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن 15 ارب هر مهيني ڏنا وڃن ته به گهٽ آهن، جيڪڏهن پنجاهه ڪروڙ روزاني به ڏين ته مطلب اِهو ٿيو ته 2 رپيا في شخص، اِها مذاق نه ته ڇا آهي.

اسماعيل راهو چيو ته حڪومتي فيصلن عوام کي ڪنگال ڪري رکيو آهي، اسان سڀ سمجهون ٿا ته بيوقوف ناهيون، جيڪو غريب پهرين 2 هزار ۾ گذارو ڪندو هو هاڻ 35 هزارن ۾ به پريشان آهي، 15 ارب عوام جي لاءِ نه پر اي ٽي ايم ۽ مافيا جي لاءِ ريليف آهي.

سندس چوڻ هو ته وزير اعظم پاڻ به سمجهي چڪو آهي ته هاڻ رڳو بيانن سان ريليف جي دعويٰ جو وقت پورو ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.