ڪپڙا لاهڻ جي حرڪت، بورڊ جو عمر اڪمل تي هلڪو هٿ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) عمل اڪمل طرفان فٽنيس ٽيسٽ دوران ڪپڙا لاهڻ جي حرڪت جو معاملو ڪرڪيٽر جي ڇنڊ پَٽي اُڪلائي ڇڏيو.

قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪجهه ڏينهن اڳ فٽنيس ٽيسٽ دوران ڪپڙا لاهي چيو هو ته ڏسو چرٻي ڪٿي آهي؟

عمر اڪمل جي اهڙي حرڪت وقت نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ جو اسٽاف به موجود هو.

مڊل آرڊر بيٽسمين جي ان عمل تي پي سي بي جاچ ڪئي پر عمر اڪمل ڪنهن به ڪارروائي کان بچي ويو.

پي سي بي جي پڌرائيءَ موجب بورڊ عمر اڪمل جي فٽنيس ٽيسٽ دوران مس ڪنڊڪٽ جي حوالي سان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، سڀني ڌرين جو موقف ٻڌو ويو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته واقعو غلط فهمي جو نتيجو هو.

عمر اڪمل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، جنهن تي پي سي بي سندس ڇنڊ پٽيندي کيس سينيئر ڪرڪيٽر هجڻ جي حيثيت سان ذميوارين جو احساس ڏياريو.

واضح رهي ته عمر اڪمل ان کان اڳ به حرڪتن سبب پاڻ کي ڦاسائيندو رهيو آهي پر هن ڀيري بورڊ مٿس هلڪو هٿ رکيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.