سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مينجمنٽ بابت اهم اجلاس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪو هڪ روڊ ون وي نه ڪيو وڃي مڪمل ٽريفڪ مينجمنٽ پيڪيج ڏنو وڃي.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مينجمنٽ بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اهم هوٽل ۽ ڪراچي جيم خاني ڪلب روڊ کي ون وي ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪو هڪ روڊ ون وي نه ڪيو وڃي مڪمل ٽريفڪ مينجمنٽ پيڪيج ڏنو وڃي، ميٽروپول، شاهين ڪمپليڪس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪلفٽن برج تي رش رهندي آهي، مينجمنٽ ۾ جيڪي روڊ ون ڪرڻا آهن اُهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.