روس جو ترڪي تي ادلب بابت معاهدي تي عمل نه ڪرڻ جو الزام

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي حڪومت ترڪي تي الزام هنيو آهي ته اهو شامي علائقي ادلب ۾ باغين کي بي اثر ڪرڻ جي حوالي سان معاهدي تي عمل نه ڪري رهيو آهي.

ڪريملن ترجمان ديميتري پيشڪوف موجب ترڪي ٻه طرفي معاهدي ۾ ادلب ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن کي بي اثر ڪرڻ جي ذميواري کنئي هئي پر اهي سمورا گروهه ادلب مان نه رڳو شامي فورسز خلاف پنهنجي حملن ۾ شدت آڻي چڪا آهن پر اهي روسي عسڪري هدفن خلاف به ڪارروائي ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته شامي فورسز ادلب ۾ باغين خلاف ڪارروائين ۾ مصروف آهي، جيڪو ان ملڪ ۾ هاڻ انهن جو آخري ڳڙهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.