چين ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 97 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب چين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 97 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 1113 ٿي ويو آهي.

چيني اختيارين موجب ان ئي دوران 2015 ماڻهن ۾ ان وائرس جي موجودگيءَ جي تصديق به ٿي آهي ۽ 30 جنوري کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو اهو سڀ کان گهٽ انگ آهي.

چيني طبي ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته اپريل جي وچ تائين ان وائرس جي پکڙجڻ تي ضابطو آندو ويندو.

چين ۾ هن وقت ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جو انگ 45 هزار جي ويجهو آهي، جڏهن ته اهو مرض دنيا جي 30 ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.