فلسطيني صدر جي گڏيل قومن ۾ آمريڪي هم منصب تي ڇتي تنقيد

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل وچ اوڀر امن منصوبي کي ”سوئس پنير“ جهڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ائين رڳو اسرائيلي مفاد ئي حاصل ڪيا ويندا.

گڏيل قومن ۾ تقرير ڪندي محمود عباس وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدر جي امن منصوبي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهو آمريڪي امن منصوبو فلسطنين جي سڀني حقن جي ترديد ڪري ٿو، ان سان امن جو مقصد حاصل نه ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته معاهدي ذريعي پائيدار امن قائم نه ٿي سگهندو، اهڙي صورت ۾ پرتشدد مظاهرا به شروع ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.