صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس کي نئون نالو ڏئي ڇڏيو

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري هيل تائين هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائيندڙ ڪورونا وائرس جي نئين خطرناڪ قسم کي ”ڪووڊ-19“ جو باقاعدي نالو ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊبليو ايڇ او طرفان چيو ويو آهي ته اها بيماري دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي پر ان تي ضابطي سان امڪان به گهڻا آهن.

صحت جي عالمي اداري جي سربراهه موجب ڪووڊ حقيقت ۾ ڪورونا ۽ وائرس جي شروعاتي ٻن اکرن جو مجموعو آهي، جڏهن ته 19 ان سال جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن اهو وائرس پهريون ڀيرو منظر تي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.