خواب ڏسندڙ منظور وساڻ ڏکيائين ۾ ڦاسي پيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ جي حفاظتي ضمانت ۾ 11 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ڊي جي نيب سکر ۽ ڪيس آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، منظور وساڻ سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته منظور وساڻ جي خلاف 42 وڌيڪ ملڪيتون مليون آهن، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته سموريون ملڪيتون منظور وساڻ جي نالي تي آهن، ان جو ڪهڙو ثبوت آهي، اسان سڀ خبر آهي نيب ڇا پئي ڪري، سڄي سنڌ ۾ گل گلزار ٿي رهيو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته منظور وساڻ جي خلاف جاچ جاري آهي، حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي، عدالت ڊي جي نيب سکر، ڪيس آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي نيب سکر پيش ٿي ٻڌائي ته ڇا هلي رهيو آهي.

عدالت نيب کان 11 مارچ تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ منظور وساڻ جي حفاظتي ضمانت ۾ به 11 مارچ تائين جي واڌ ڪري ڇڏي، منظور وساڻ کي آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جي لاءِ طلب ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.