آمريڪا ۽ افغان طالبان ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان آمريڪا کي الٽيميٽم ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ هڪ هفتي لاءِ تشدد ۾ گهٽتائي جي سندن آڇ جو جواب ڏين.

اها تنبيهه طالبان ۽ آمريڪي خاص نمائندي وچ ۾ ڪيترن ئي هفتن تائين جاري رهندڙ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ جاري ڪئي وئي آهي.

واشنگٽن طرفان به گذريل ڏينهن چيو ويو هو ته طالبان سان تشدد ۾ گهٽتائي جو معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي سگهي ٿو.

هوڏانهن افغان صدر اشرف غني پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي هڪ فون ڪال جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.