بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙ سنڌ جي آفيسرن جا به پول پڌرا..!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو کڻندڙ سنڌ حڪومت جي آفيسرن ۽ ملازمن جي فهرست سامهون اچي وئي آهي، جنهن موجب تعليم ۽ ٻين کاتن جي 938 ملازمن فائدو حاصل ڪيو، جنهن ۾ 20هين گريڊ تائين جا آفيسر به شامل آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 50 آفيسرن پاڻ پنهنجي نالي سان بي آءِ ايس پي مان رقم وصول ڪئي، جڏهن ته 888 آفيسر پنهنجي گهروارين جي نالن تي رقم ورتي.

فهرست ۾ بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙ گهڻن آفيسرن جو واسطو تعليم کاتي سان آهي ۽ ڪيترائي ٽائون ايجوڪيشن آفيسر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.