ڪراچي: اينٽي پوليو مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اسڪولن خلاف سخت ايڪشن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي ٻن اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ۽ 40 اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ڊي جي اسڪولز موجب صحت ۽ تعليم کاتي جي ڀائيواري سان اسڪولن ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جاري آهي، جڏهن ته مهم دوران ٽيمن سان سهڪار نه ڪرڻ تي اسڪولن خلاف ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي.

ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز به ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي ٻن خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 40 اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ڊي جي اسڪولز موجب ڪيترن ئي اسڪولن خلاف دانهون مليون آهن ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اسڪولن خلاف ڪارروائي جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.