بدين: ڳوٺاڻن پاران صوبائي وزير سعيد غني جو گهيراءُ، احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
aaaaaa
عوامي آواز رپورٽ aaaaaa

بدين ۾ ڳوٺاڻن پاران صوبائي وزير سعيد غني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ سچو آٿيلو جي رهواسين پاران حاجي عبدالله آٿيلو، غلام رسول، محمد اشرف آٿيلو ۽ ٻين صوبائي وزير سعيد غني جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پ پ ضلعي قيادت ساڻن ناانصافيون ڪري رهي آهي، مٿن حملو ڪري ٻن نوجوانن کي زخمي ڪيو ويو.

سندن چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر ڪنهن به سندن دانهن ناهي ورنائي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين جي خاطري بعد ڳوٺاڻن احتجاج ختم ڪيو ويو……………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.