عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ 17 مارچ تي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

عوامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ 17 مارچ تي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن
عوامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ 17 مارچ تي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن پ پ اڳواڻ سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل عمرڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت پي ايس 52 تي 17 مارچ تي ننڍي چونڊ ٿيندي، جنهن لاءِ فارم 17 فيبروري تي ڀري سگهبا، 19 فيبروري تي نالا پڌرا ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ 22 فيبروري ۽ اعتراض 24 فيبروري تائين داخل ڪرائي سگهبا.

نوٽيففڪيشن تحت ڪو به اميدوار 28 فيبروري تائين هٿ کڻي سگهندو، جنهن بعد 29 فيبروري تي چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويندو…..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.