مڙس صنم ماروي جا الزام رد ڪري ڇڏيا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور لوڪ گلوڪارا صنم ماروي جي مڙس حامد خان لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ گهرواري طرفان هنيل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا.

صنم ماروي گذريل هفتي مڙس حامد خان سان خلع لاءِ لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي.

ڳائڻي پنهنجي درخواست ۾ الزام مڙهيو هو ته مڙس مون تي تشدد سميت نازيبا ٻولي به استعمال ڪندو آهي ۽ حامد جي اهڙي رويي کي برداشت ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهيان.

زال جي اهڙي درخواست کانپوءِ هاڻ حامد خان عدالت ۾ 7 صفحن تي ٻڌل پنهنجو جواب جمع ڪرائيندي صنم جا سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن.

حامد موجب مان صنم سان ڪڏهن بدتميزي ناهي ڪئي ۽ نه ئي کيس ڪڏهن ڪا گار ڏني آهي، گهرواري ۽ ٻارن جو باقاعدي سان خرچ ادا ڪندو آهيان، صنم سان منهنجي سڄي فيملي محبت ڪندي آهي.

هن عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته سندس گهرواري جي خلع جي درخواست کي رد ڪيو وڃي.

فيملي ڪورٽ صنم ماروي ۽ سندس مڙس کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.