ڄامشورو: ڪتابي ميلي جي ٻي ڏينهن ادبي ويهڪون

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: ڪتابي ميلي جي ٻي ڏينهن ادبي ويهڪون
عوامي آواز رپورٽ ڄامشورو: ڪتابي ميلي جي ٻي ڏينهن ادبي ويهڪون

ڄامشوري ۾ ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن ادبي ويهڪون ٿيون.

سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي جي ٻيئن ڏينهن تي مهراڻ ۽ گل ڦل رسالن جي ويهڪ نواز علي شوق جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي .

ادبي ويهڪ ۾ اديبن دانشورن ۽ محققن شوڪت شورو، مدد علي سنڌ، سرفراز راڄڙ، نياز پنهور، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي نالي وارن اديبن مهراڻ ۽ گل ڦل رسالن تي مقالا پيش ڪيا.

ويهڪ ۾ شرڪت ڪندڙ اديبن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

ان موقعي تي ادب سان تعلق رکندڙ سينيئر اديبن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي بورڊ هڪ مان وارو ادارو آهي جنهن جون سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏيون خدمتون آهن.

هنن چيو ته سنڌي ادب ۾ مهراڻ رسالي جو تمام اهم ڪردار آهي , هي رسالو تمام ڏکين وقت ۾ به شايع ٿيو ۽ هن رسالن جي تمام وڏي تاريخ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.