محمد حفيظ بالنگ ايڪشن ڪليئر ڪرائڻ ۾ ڪامياب، پابندي ختم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ جو بالنگ ايڪشن ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي ۽ هاڻ هو عالمي مقابلن ۾ بالنگ ڪرائي سگهندو.

ذريعن موجب محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن ٽيسٽ آءِ سي سي طرفان منظور ٿيل لاهور جي مقامي يونيورسٽي جي بائيو مڪينڪ ليب ۾ ورتي وئي، جنهن ۾ سندس ٻانهن جو وڪڙ 15 ڊگري جي قانوني حد ۾ هو.

آءِ سي سي طرفان حتمي اعلان ٿيڻ کانپوءِ هاڻ محمد حفيظ پي ايس ايل سان گڏوگڏ عالمي مقابلن ۾ به بالنگ ڪرائي سگهندو.

واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ محمد حفيظ جو بالنگ ايڪشن غير قانوني قرار ڏنو هو، جنهن سبب هو انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ ايونٽن سان گڏوگڏ عالمي ايونٽن ۾ بالنگ نه ڪرائي سگهيو.

محمد حفيظ جو بالنگ ايڪشن ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا رپورٽ ۽ ڪليئر ٿي چڪو آهي، جڏهن ته قومي آل رائونڊر پابندين کي پڻ منهن ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.