حيدرآباد ۾ چوپائي مال جي ٻن ڏينهن واري نمائش

حسيب لطيفي

حيدرآباد ۾ چوپائي مال جي ٻن ڏينهن واري ملڪي نمائش لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2020ع منعقد ڪيو ويو، نمائش ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ناياب نسل جي ٻڪرين جون 32، رڍن جون 12 ۽ مينهن، ڍڳين، اٺن ۽ گهوڙن کان علاوه مڇين سميت مختلف پکين جا ڪيترائي قسم موجود هئا. لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ثقافت، سياحت ۽ نوادرات، رانديون، نوجوانن جي معاملن، زراعت ۽ قيمتن واري بيورو جي کاتن ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي سهڪار سان حيدرآباد جي هٽڙي بائي پاس وٽ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري اسٽاڪ ايڪسپو جو افتتاح پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر ڪيو.

لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ وڌيڪ کير ڏيندڙ جانورن جا مقابلا ٿيا جن ۾ ڪنڊي مينهن جي مقابلي ۾ مٽياري جي محمد صديق جي مينهن ساڍا 23 ليٽر کيرڏئي پهريون انعام75 هزار رپيا، جڏهن ته حيدرآباد جي خالد اڪبر جتوئي جي مينهن 23 ليٽر کيرڏئي ٻيون انعام 50 هزار رپيا ۽ مٽياري جي علي رستم انڙ جي مينهن 22 ليٽرکير ڏئي ٽيون انعام 25 هزار رپيا وصول ڪيو. اهڙي طرح لال مليري ڍڳي جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اسد سڪندر جي ڍڳي سوا 15 ليٽر کيرڏئي پهريون انعام 75 هزار رپيا ۽ ملڪ اسد سڪندر جي ئي ٻي ڍڳي ساڍا 14 ليٽر کير ڏئي ٻيو انعام 50 هزار رپيا ۽ ٺٽي جي حسين حمايتي جي ڍڳي ساڍا 12 ليٽرکير ڏئي ٽيون انعام 25 هزار رپيا وصول ڪيو. اهڙي طرح  ٿري ڪنڪريٽ ڍڳي جي مقابلي ۾ عمر ڪوٽ جي غلام اڪبر درس جي ڍڳي پوڻا17 ليٽر کير ڏئي پهريون انعام 75 هزار رپيا  حاصل ڪيو. لائيو اسٽاڪ ايڪپسو ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ٺاهيل مختلف منصوبن تي انهن کي 10 – 10 هزار رپين جو انعام ڏنو ويو.

اسانجي ملڪ ۾ بدقسمتي سان صنعتي شعبن تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو، پر زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ مختلف زرعي جنسن ۽ جانورن جي مختلف نسلن اوتري ترقي نه ڪئي جيتري ڪرڻ کپي ها.

ان موقعي تي صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالبارپتافي چيو ته هي نمائش لڳائي چوپائي مال جي شعبي ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته چوپائي مال جي شعبي کي ايترو ته سگهارو بڻايو ويندو جو ملڪ کير ۽ گوشت جي اپت ۾پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪري زراعت شعبي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن جي ازالي لاءِ چوپايو مال جي شعبي کي سگهارو بڻائي سگهجي ٿو.

فريال ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي پاليسي جوڙيندڙن کي گهرجي ته اهي ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ چوپائي مال ۽ زراعت واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جٽادار پاليسون جوڙين. هن چيو ته سنڌ حڪومت جانورن جي مختلف قسمن جي نسلن جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته مختلف قسم جي چرند ۽ پرند جي واڌ وايجهه، انهن جي مارڪيٽ بابت چوپائي مال واري کاتي جيڪا حڪمت عملي جوڙي آهي ان سان نه فقط سنڌ پر پاڪستان کير ۽ گوشت جي اپت ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿي ويندا، ان سان گڏوگڏ ڀاڳين کي به سندن اپت جو چڱو ناڻو ملي سگهندو.

ملڪ جي 60 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر چوپائي مال سان ڳنڍيل آهي، پاڻي جي کوٽ ڪري زراعت شعبي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جنهن جي ازالي لاءِ چوپايو مال جي شعبي کي سگهارو بڻائي سگهجي ٿو.

لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2020ع جي آخري ڏهاڙي تي ٿيل سيمينار ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ پوري ملڪ مان جانور آندا ويا آهن، جنهن جو سهرو سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته ايڪسپو جو جيترو بجيٽ آهي اهو پبلڪ ڊاڪيومينٽ آهي جيڪو اسيمبلي ۾ پيش ٿيندو. وڏي وزير چيو ته لائيو اسٽاڪ جي نمائش جو انعقاد هر سال ڪيو ويندو، جڏهن ته اهڙي قسم جي نمائشن لاءِ سالياني بجيٽ ۾رقم به مختص ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.