آمريڪا امن فوج ۾ پاڪستاني عورتن جي خدمتن مان متاثر

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ايشيائي معاملن بابت اعليٰ آمريڪي سفارتڪار ايلس ويلز چيو آهي ته مان ڪونگو ۾ گڏيل قومن جي امن فوج ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني عورتن مان متاثر آهيان.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي پنهنجي بيان ۾ ايلس ويلز چيو ته سڀني عورتن تي ٻڌل پهرين گروهه جي 15 امن فوجين کي گذريل هفتي تڪراري علائقي ۾ مختلف خدمتن ۽ بهترين ڪارڪردگي تي ميڊل ڏنا ويا.

ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ڪونگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي اداري جي پهرين پاڪستاني فيميل انگيجمينٽ ٽيم (ايف اي ٽي) جي ميمبرن کي تازو وچ آفريقا جي هڪ صوبي ۾ گڏيل قومن جي ميڊل ڏيڻ جي تقريب ۾ ايوارڊ ڏنا ويا هئا.

اها ٽيم گڏيل قومن جي سڄي دنيا ۾ موجود امن فوجن جي پهرين ٽيم هئي، جيڪا سڀني عورت ميمبرن تي ٻڌل هئي.

ٽيم ۾ موجود آفيسرن ۾ نفسياتي ماهر، ڊاڪٽر، نرسون، آپريشنز آفيسر، انفارميشن آفيسر ۽ لاجسٽڪس آفيسر شامل هئا.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته پاڪستان عورت آفيسرن پنهنجي مقرري دوران مقامي برادري جو اعتماد کٽڻ لاءِ سخت محنت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.