شاهد آفريدي ۽ يووراج سنگهه پاڪ – ڀارت مقابلن جا خواهشمند

دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻن اسٽار آل رائونڊرز شاهد آفريدي ۽ يووراج سنگهه پاڪ ڀارت مقابلن جي بحاليءَ تي زور ڏنو آهي.

ٻئي اڳوڻا ڪرڪيٽر ايڪسپو دبئي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ گڏ ٿيا، جتي اڳوڻي قومي آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت سيريز کيڏن ٿا ته اها ايشز کان به وڏي ثابت ٿيندي پر ماڻهن جي پسنديده راند جي وچ ۾ سياست اچي وئي آهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه چيو ته مون کي پاڪستان خلاف 2004، 2006 ۽ 2008 جي گڏيل سيريز چڱي طرح ياد آهي، توڻي جو اهي شيون اسان جي اختيار ۾ ناهن پر اهو چئي سگهان ٿو ته وڌ کان وڌ پاڪ ڀارت مقابلا پاڻ کيڏي فائديمند آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.