شهزاد راءِ ٻارن جي تحفظ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڳائڻي ۽ زندگي ٽرسٽ جي صدر شهزاد راءِ ٻارن تي تشدد ۽ جسماني سزا تي پابندي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

شهزاد راءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي سزا ڏيڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ٻارن تي تشدد ۽ سزا جون خبرون آئي ڏينهن ميڊيا ۾ اچي رهيون آهن، جڏهن ته پڙهائي ۾ بهتري لاءِ ٻارن جي سزا کي ضروري تصور ڪيو ويندو آهي.

درخواستگذار موجب ٻارن جي حقن جي حوالي سان پاڪستان 182 ملڪن مان 154هين نمبر تي آهي، ان کانسواءِ سپارڪ جي رپورٽ موجب ساليانو 35 هزار ٻار سزا جي ڪري اسڪول ڇڏي رهيا آهن.

شهزاد راءِ اپيل ڪئي آهي ته آرٽيڪل 89 بنيادي حقن ۽ ٻارن جي حوالي سان يو اين ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري پاڪستان پئنل ڪوڊ جي شق 89 بنيادي انساني حقن جي ابتڙ قرار ڏني وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن، جيلن ۽ بحالي مرڪزن ۾ ٻارن جي جسماني سزا تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي، کين جسماني ۽ ذهني تشدد کان محفوظ رکڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي، يو اين ڪنوينشن تحت ٻارن جي تحفظ جي قانونن تي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، ان کانسواءِ ٻارن جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بنا دير منع نامي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.